زاهده گوپانگ

زاهده گوپانگ: نامياري ڪهاڻيڪار، شاعر، مضمون نگار ۽ ايڊيٽر زاهده گوپانگ جو جنم 15 جنوري 1976ع تي قنبر ۾ ٿيو. هن ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم قنبر مان حاصل ڪئي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان بي. اي پرائيوٽ طور ڪيائين. زاهده گوپانگ مئٽرڪ بعد پرائمري استاد مقرر ٿي. ادب سان دلچسپي هئس، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري لکندي رهي آهي. ادبي دنيا ۾ ڪافي مڃتا ماڻي اٿس، عورتن جي حقن جي حاصلات لاءِ ’بختاور پبليڪيشن‘ قنبر جي پليٽفارم تان عورتن جو هڪ رسالو ’بختاور‘ جاري ڪيائين، جنهن جي ايڊيٽر به رهي آهي. هن رسالي عورتن جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو، عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ تشدد جو رپورٽون ايوانن تائين پهچائي، متاثر عورتن کي انصاف ڏياريو. زاهده هن رسالي جي ذريعي ڪيترين عورتن کي لکڻ لاءِ اتساهيو ۽ ادبي دنيا ۾ آندو. هن رسالي ذريعي عورتن کي هڪ پليٽفارم مهيا ڪري ڏنو. ان دور ۾ مٿس ڪيتريون بندشون وڌيون ويون ۽ کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، پر هن حوصلو نه هاريو ۽ ثابت قدمي سان وڏو عرصو رسالو جاري رکيائين. هن رسالي ۾ استاد بخاري ۽ سرڪش سنڌيءَ سميت ڪيترا شاعر ۽ اديب عورتن جي حقن لاءِ لکندا هئا، اڳتي هلي رسالو بند ٿي ويو. زاهده گوپانگ اڄڪلهه ادبي دنيا کان ڪٽيل آهي ۽ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي.


لفظ زاهده گوپانگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.01.15  عيسوي

نامياري ڪهاڻيڪار، شاعر، مضمون نگار ۽ ايڊيٽر زاهده گوپانگ جو جنم 15 جنوري 1976ع تي قنبر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي
امانت علي خان
برڪت علي ڀٽ
خليفو محمد صالح بائجوي
واحد بخش شيخ
ڪرڻجي سوڍو
سيد صابن شاهه ڊاڪٽر
بيگم ممتاز راشدي
رشيد عطري
همت علي خان ڪماريو سردار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون